بيگم طاهره آغا

بيگم طاهره آغا

بيگم طاهره آغا

بيگم طاهره آغا: بيگم طاهره آغا جو جنم 15 جولاءِ 1918ع تي حيدرآباد شهر ۾ ٿيو. هوءَ سياسي ۽ سماجي ڪارڪن آغا محمد اسحاق، ڊسٽرڪٽ مئجسٽريٽ ڪراچيءَ جي ڌيءُ هئي. اڃا ڪاليج ۾ زير تعليم هئي ته آغا اعجاز حسين ائڊووڪيٽ سان حيدرآباد ۾ ئي سندس شادي ٿي، تنهنڪري سندس تعليم جو سلسلو ختم ٿيو. ان بعد سياسي تحريڪن ۾ حصو وٺڻ شروع ڪيائين. قائداعظم جي مشوري تي انڊيا مسلم ليگ'>آل انڊيا مسلم ليگ جي عورتن واري سب ڪميٽيءَ جي رڪن ۽ ضلعي ڪميٽيءَ جي صدر منتخب ٿي. مارچ 1947ع ڌاري اٽليءَ ۾ عورتن جي بين الاقوامي ڪانفرنس ۾ نمائندگي ڪيائين. سال 1953ع ۾ سنڌ اسيمبليءَ جي ميمبر منتخب ٿي. حيدرآباد ۾ پاڪ- روس دوستيءَ جي انجمن قائم ڪيائين. 1956ع ۾ مغربي پاڪستان اسيمبليءَ ۾ چونڊجي وئي. اقوام متحده ۽ ٻين عالمي ادارن ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪيائين. ”همارا پاڪستان“ ۽ ”قائداعظم جناح“ سندس مشهور تصنيفون آهن. 1979ع ۾ حيدرآباد ميونسپل ڪارپوريشن ۾ کيس عورتن واري سيٽ تي چونڊيو ويو. بيگم طاهره آغا 7 مارچ 2000ع تي وفات ڪئي.


لفظ بيگم طاهره آغاھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1918.07.15  عيسوي

بيگم طاهره آغا: بيگم طاهره آغا جو جنم 15 جولاءِ 1918ع تي حيدرآباد شهر ۾ ٿيو .


1947.00.00  عيسوي

بيگم طاهره آغا،: 1947ع ڌاري اٽليءَ ۾ عورتن جي بين الاقوامي ڪانفرنس ۾ نمائندگي ڪيائين . سال 1953ع ۾ سنڌ اسيمبليءَ جي ميمبر منتخب ٿي . حيدرآباد ۾ پاڪ- روس دوستيءَ جي انجمن قائم ڪيائين .


1979.00.00  عيسوي

1979ع ۾ حيدرآباد ميونسپل ڪارپوريشن ۾ کيس عورتن واري سيٽ تي چونڊيو ويو .


2000.03.07  عيسوي

بيگم طاهره آغا 7 مارچ 2000ع تي وفات ڪئي .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

عشرت العباد
درويش پنيو ناريجو
اليگزينڊر برنس
ايلي ڪاٽ علي گوهر
سيد صادق علي شاهه
ڀڳت ارجن ڪنواڻي
درازي سخي قبول محمد اول
عبيدالله لاشاري
پيرو کٽي
جاجگا اٽيفيٽي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون